ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر

ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر: قنبر شهر جي علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ جاکوڙي شخصيت ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي وفات بعد 1997ع ۾ ڊاڪٽر محبت ٻُرڙي جي دوستن ۽ شاگردن، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي جي هٿ هيٺ هڪ ڪتبخانو قائم ڪيو آهي. هن ڪتبخاني ۾ مختلف موضوعن تي مشتمل ڪتابن جو چڱو خاصو تعداد موجود آهي. ڪتابن کان سواءِ مختلف رسالا، ادبي مخزن، سووينئر ، ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جا لکيل ڪتاب ۽ ٻيو ڪافي مواد موجود آهي. هن اڪيڊميءَ جو سربراهه شاعر رياضت ٻرڙو آهي. اڪيدميءَ طرفان ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي تحقيقي ڪم کي ڪتابي شڪل ڏيڻ سميت ٻين ليکڪن جا ڪتاب ڇپائڻ به هن اڪيدميءَ جو ڪم آهي. هن اڪيڊميءَ طرفان هن وقت تائين ڪيترائي ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن.


لفظ ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو